اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اف??انستان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن تي پوندا، 20 سالن جي ڊگهي جنگ به اف??ان تڪرار جو حل نه ڪڍي سگهي، اف??انستان ۾ امن پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، اسلامي تعاون تنظيم، او آءِ سي ڪانفرنس جو مقصد اف??انستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غي?? معمولي اجلاس جي ارادن ۽ مقصدن جي حوالي سان، مقامي ۽ عالمي ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اف??انستان هن وقت خطرناڪ معاشي ۽ انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي اف??ان صورتحال جي حوالي سان چيو ته پاڪستان کي اف??انستان جو ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. اسان پنهنجي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، تنهن هوندي به اسان اقتصادي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرامن اف??انستان اسان جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته اف??انستان 38 ملين ماڻهن تي مشتمل ملڪ آهي. سردي جي شدت ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي، يو اين ڊي پي موجب جيڪڏهن اف??انستان جي صورتحال تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو اف??ان غربت جي سطح کان هيٺ هليا ويندا، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب اف??انستان ۾ صرف 5 سيڪڙو اف??انين کي مناسب خوراڪ دستياب آهي، هن چيو ته 11 اهم آمريڪي شخصيتن جن ۾ اڳوڻا سفير ۽ ڪمانڊر شامل آهن هنن گڏيل طور تي بائيڊن انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته اف??انستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ کين اڪليو نه ڇڏيو وڃي، هي اهو ئي م??قف آهي جنهن طرف پاڪستان عالمي برادري کي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن اف??انستان جي صورتحال تي فوري ضابطو نه آندو ويو ته گذريل 20 سالن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون ۽ دهشتگرد گروهن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو. اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اف??انستان ۾ 40 سالن کانپوءِ قيام امن جي اميد پيدا ٿي آهي ان موقعي کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان انساني الميي کان بچاءُ لاءِ مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي، هن چيو ته ڪاسا 1000، ٽرانس نيشنل ريلوي نيٽ ورڪ ۽ ٻين علائقائي نوعيت جي منصوبن جي تڪميل لاءِ اف??انستان جو امن اڻٽر آهي، مون نيويارڪ ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، بلنڪن کي اف??انستان جي ابتڙ صورتحال کان آگاهه ڪندي عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دنيا اسان جي آواز تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اف??انستان جي مدد لاءِ آمادگي جو اظهار ڪري رهي آهي، عالمي برادري جي اف??انستان سان ڪجهه اميدون وابسته آهن جڏهن ته مون ڪابل جي دوري دوران طالبان عبوري قيادت کي انهن اميدن کان آگاهه ڪيو. انهن اميدن ۾ اف??انستان ۾ بنيادي انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي خاتمي جي خاطري، اجتماعيت جي حامل حڪومت سازي جهڙا نڪتا شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اف??ان قيادت تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ انهن جي مفادن ۾ آهي، ٻي طرف اسان عالمي برادري تي زور ڏنو ته ماضي جي غلطين کي نه ورجايو وڃي، پرڏيهي وزير چيو ته اف??انستان جي صورتحال تي ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي جيڪو عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي گهرجائو آهي. افغانستان ۾ بئنڪنگ سسٽم جي عدم دستيابي جي ڪري، اف??انستن جي ٻاهر ويٺل ماڻهو، خواهش جي باوجود اف??انستان ۾ پنهنجي پيارن جي ڪا به مدد نٿا ڪري سگهن. اڄ عالمي برادري انسانيمدد لاءِ اف??انستان سان انگيجمينٽ لاءِ آماده آهي، پرڏيهي وزير چيو ته مدد جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غي?? معمولي اجلاس جيڪو هنگامي طور تي منعقد ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان اف??انستان جي جيتري ٿي سگهي مدد ڪئي آهي پر اها ذميداري پاڪستان اڪيلو ادا نٿو ڪري سگهي. اسان کي اميد آهي ته ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غي?? معمولي اجلاس جي ذريعي اسان عالمي برادري کي اصل صورتحال کان آگاهي ڏيارڻ ۽ لکين اف??ان شهرين جي انساني بنيادن تي فوري امداد لاءِ لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ اڳتي وڌي سگهون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني بنيادن تي لکين اف??ان شهرين کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ، اڳتي وڌيو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته اف??انستان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. اف??انستان جي صورتحال سان يورپي ملڪن چڱي ريت آگاهه آهن، اف??انستان ۾ امن خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، ٿورڙي به غفلت پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. پاڪستان، اف??انستان بابت جيڪو به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڪري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اف??انستان، او آءِ سي جو بنيادي ميمبر ملڪ آهي کين اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، پاڪستان اف??انستان جي انساني بنيادن تي مدد ڪري رهيو آهي.