اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ ج?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي متحده عرب امارات ??ي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ ج?? چيئرمين چيو ته متحده عرب امارات ??ي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جون مثالي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان ي?? اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شري?? آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي معاشي خوشحالي ۽ امن جو فروغ اسان جو گڏيل ويزن آهي. پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ??ا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي مدي واري تعاون تي ٻڌل آهن. ڀائيچاري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ ج?? چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي مثالي تعاون پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ??ي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محمد صادق سنجراڻ?? چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ??ي دوستي وقت جي هر امتحان تي پوري لٿي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده عرب امارات ??وستي زنده باد.