اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته تحريڪ انصاف واحد پار??ي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قانونن جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي، ٻنهي ايوانن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڄ اهم بل پاس ٿي ويندا، مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊيل مي??برن وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??و آهي، انهن سمورن مي??برن جا ٿورا مڃان ٿو جيڪي پنهنجون مصروفيتون ڇڏي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته ٻنهي ايوانن جي مي??برن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم بل پاس ٿي ويندا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قاننن جي منظوري وزيراعظم عمران خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف واحد پار??ي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم ان??ن اتحادين، سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي مي??برن جا ٿورا مڃيا جيڪي اسان بيماري ۽ مجبوري جي باوجود آيا. پارلياماني پارٽي وزيراعظم تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??و آهي، اهو اعتماد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو. هن چيو ته مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، شڪست جو شڪار ٿي چڪي آهي، اڄ جي قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.