اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي راندين جي ٽيمن تي اعتماد جو اظهار ڪندي رانديگرن تي زور ڏنو آهي ته اهي محنت ۽ ديانتداري سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چوڏهين چيف آف نيول اسٽاف ايميچيورز ??ال?? چيمپيئن شپ 2021ع جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته راندين جي ميدان ۾ پاڪستان کي ڊگهي عرصي کان تعصب درپيش آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ??يم ڪورونا وبا جي باوجود انگلينڊ جو دورو ڪيو جڏهن ته غيرملڪي ٽيمن پاڪستان جو دورو م??توي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم قومي ??يم جي رانديگرن کي صحيح چيو آهي ته اهي ميدان ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارين جيڪا اهم آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم ۾ صلاحيتون ۽ ٽيلينٽ موجود آهي، قومي ٽيمون پنهنجي ڪارڪردگي، وقار ۽ عزت نفس برقرار رکندي ملڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون ??اص?? ڪن. صدر چيمپيئن شپ ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن نظم ۽ ضبط ۽ محنت سان اها ڪاميابي ??اص?? ڪئي. هي راند ديانتداري سيکاري ??ي اسان کي راندين سميت سمورن شعبن ۾ ديانتداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??ال?? جا ميدان سرسبز ۽ شاداب هوندا آهن، انسان جي فطرت آهي ته اهو سرسبز نظارن جي ڳولا ڪندو رهي ٿو. مارگلا گرين ??ال?? ڪپ پاڪستان جو خوبصورت ترين ??ال?? ڪلب آهي. ان ڪلب تحت وڻڪاري ??ڻ ڪئي وڃي ٿي، ان ڏس ۾ هي ماحوليات جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته راندين سان جسم تندرست ٿئي ٿو، ??ال?? مهانگي راند آهي پر اها ملڪ ۾ مقبوليت ??اص?? ڪري رهي آهي. صدر ايميچيورز، سينئر ايميچيورز ۽ عورت ڪيٽيگريز ۾ کٽيندرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون. ڪوئيٽا ??ال?? ڪلب جي ميجر سليم کي ونر ٽرافي ڏني وئي. ان موقعي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ ٻيون اعليٰ سول ۽ فوجي شخصيتون پڻ موجود هيون. چئن ڏينهن وارو چيف آف نيول اسٽاف ايميچيورز ??ال?? ڪلب ڪپ هر سال منعقد ڪيو وڃي ٿو.