اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن، پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزيراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، افغانستان هن وقت تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هو سمجهي ٿو ته ا??غانستان هڪ تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي، اسان جي دعا آهي ته ا??و 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پوي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته ا??و ممڪن ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ا?? جي ابتڙ جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جنهن مقصد لاءِ آمريڪا افغانستان آيو هو اهو عالمي دهشتگردن جو خاتمو ٿو، وزيراعظم چيو ته ا??غانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ امڪان آهي ته ا??غانستان ٻيهر دهشتگردن جي لا??ِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي سگهي ٿو، اسان اها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانستان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ا??غانستان جي اها تاريخ رهي آهي ته ا?? کي ڪڏهن به ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هتي عوام جي مرضي جي خلاف ڪا ڪٺ پتلي حڪومت عوام قبول ڪن??ي آهي، ان لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران کيس مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته ا??و سوچڻ غلطي آهي ته ٻاهر??ن ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏئي سگهي ٿو، افغان عورتون طاقتور آهن ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ پاڪستان 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، انهن ۾ حقاني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستان ۾ افغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حقاني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم نه هو ته ا??و ڇا آهي، حقاني افغانستان جو پشتون قبيلو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪل بجيت 50 ارب ڊالر آهي جيڪا 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿي، پاڪستان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي سگهي ٿو، وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف ??نگ ۾ شموليت تي پاڪستان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ??نگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، وزيراعظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ تي پاڪستان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 عسڪريت پسند گروه حملا ڪري رهيا هئا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪستان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا هجن. وزيراعظم پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪن??ي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزويراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.