اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گهٽ لاڳت گهرن جي عوام تائين پهچ لاءِ م??لومات جي فراهمي ۽ درخواستن جي وصولي لاءِ موبائيل يونٽ جو افتتاح ڪيو. موبائيل يونٽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار ??ان ماڻهن کي گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن لاءِ ق??ضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو. وڌيڪ اهو ته موبائيل يونٽ پرائم منسٽر هائوسنگ اسڪيم تحت ق??ضن لاءِ ون ونڊو آپريشن فراهم ڪندو، شروعاتي طور تي موبائيل يونٽ راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سهولت فراهم ڪندو، ان کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهڙا موبائيل يونٽ قائم ڪيا ويندا، ان کانسواءِ موبائيل يونٽ ڪورونا وبا دوران بئنڪن تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار ??ابت ٿيندو