اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌرتي تي رهندڙ هر انس??ن کي ماحول دوستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، وقت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي ??تحاد بڻائي ماحول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمران خان پهريون ماحول دوست وزيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي رهيو آهي، وزيراعظم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي ??طح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم عمران خان نوجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏياري رهيو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ?? پهريون ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول دوستي کي پاليسي سطح تي ايتري ڌيان ?? محنت سان فروغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جا??ي رهيو ته پاڪستان ?? ماحولياتي شعبي ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي ميزباني جو شرف پاڪست??ن کي ملڻ دراصل پاڪستان جي ماحول دوست قدمن جو عالمي ??طح تي اعتراف آهي.