اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل ??ڪا??ونٽ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ سا?? ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل ??ڪا??ونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل ??ڪا??ونٽ ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ ??رف پهريون قدم آهي، ان سان ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ رقم موڪلڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ٻاهري?? ملڪ رهندڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.