ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪاروباري ط??قي جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آه??، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترج??ح آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ۽ ڪاروباري ط??قي جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو و??اق?? وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اق?? وزير سينيٽر شب??ي فراز، ميري ٽائيم افيئر وارو و??اق?? وزير علي زيدي، و??اق?? وزير فيصل واوڊا، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به موجود هئا. وفد ۾ آصف اڪرام، نجيب بلگموالا، اعظم فاروق، بشير علي محمد ، فيصل مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد علي تابا شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 جي وبا جي حوالي سان ڪامياب حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاروباري ط??قي کي مراعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪاروباري طبقو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪر??، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترج??ح آهي.