اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽ?? شبلي فراز ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ??ري??ن شريڪ هيون، ڪجهه پارٽيون ان معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، حڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي، پيپلزپارٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽ?? شبلي فراز ??يو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن سان اتفا?? ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سياسي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.