اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس ک??ن بچاءُ لاءِ وفاق، صوبا ۽ سمورا ادارا مڪمل طور تي تيار آهن، سمورين زميني رستن ۽ هو??ئي اڏن تي اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي، سڀني کي گڏجي عوام ک?? تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هيستائين 7 لک 60 هزار کان وڌيڪ مسافرن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت ۾ ايمرجنسي ڪور گروپ جو اجلاس منعقد ٿيو جنه?? ۾ ??يلٿ واري وفاقي سيڪريٽري سيد توقير حسين شاهه، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اين آءِ ايڇ، پاڪ فوج جو نمائ??دو ۽ ٻيا شامل هئا، اجلاس ۾ موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ک??ن بچاءُ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو.