لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هيلٿ پروفيشنلز کي بهترين تعليم ڏئي ٻاهر موڪل?? جي غلطي ڪئي وئي هاڻي اهو سودو پاڪستان کي منظور نه آهي، حڪومت ۽ معاشري کي گهرجي ته اهي ڊاڪٽرن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن ته جيئن قوم ا??هن جي خدمتن کان محروم نه رهي. هو ايوان اقبال ۾ فاطمه جناح ميڊيڪل يونيور??ٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو.