اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??لم جي جديد ??خليقي ذريعي کي پنهنجي ثقافت، ورثي، روايتن ۽ اسڪرين ٽوورازم جي واڌويجهه لاءِ استعمال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم پئڪيج تحت نيشنل فلم اينڊ براڊڪاسٽنگ ڪميشن ۽ نيشنل فلم انسٽيٽيوٽ ۽ اڪيڊمي جو قيام، اسٽوڊيوز کي جديد هم آهنگ اوزارن سان ليس ڪيو ويندو، براڊڪاسٽنگ انڊسٽري جي مدد لاءِ پرائم منسٽر فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي ڀلائي لاءِ آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ قائم ڪيو ويندو، مالياتي قانونن ۾ نرمي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون، پرڏيهي فلم ٺاهيندڙن کي به سموريون ممڪن سهولتون ميسر هونديون. هو پنجاب حڪومت جي ترجمان ملڪ محمد احمد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهي هئي. ملاقات ۾ فلم پروڊڪشن، براڊڪاسٽنگ پاليسي ۽ فلمي صنعت جي بحالي جي حوالي سان وزيراعظم محمد نواز ??ري?? جي هدايتن ۽ اعلان ڪيل پئڪيج تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ??لم جي جديد ??خليقي ذريعي کي پنهنجي ثقافت، ورثي، روايتن ۽ اسڪرين ٽوورازم جي واڌويجهه لاءِ استعمال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.