اسلام آباد – 14 – ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي آءِ ٽ??، دوائن، تعميرات، غذائي تحفظ ۽ هنرمند افرادي قوت سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل گارڊ سلطنت بحرين جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن الخليفه سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آءِ ٽ??، دوائن، تعميرات، غذائي تحفظ ۽ هنرمند افرادي قوت جي ??والي سا?? گڏيل تعاون کي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ڪمانڊر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ گڏيل مفاد جي ??مورن شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو. بحرين ۾ هن وقت 120000 کان وڌيڪ پاڪستاني موجود آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.