مظفر ڳڙهه – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي حوالي سان ماڻهن کي مشڪلاتون د??پي?? آهن، ڊي ايڇ ڪيو اس??تال مظفر ڳڙهه ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتون بهتر آهن پر هتي ڪارڊيالوجي جي شعبي ۾ سهولتن جي سخت ضرورت آهي، ايمرجنسي جي حوالي سان جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مظفر ڳڙهه ۾ مدر اينڊ چائلڊ اس??تال به ضرور ٺـهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه جي ڊي ايڇ ڪيو اس??تال ۽ پنجاب ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ڪاليج (ٽيوٽا) جي دوري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير اس??تال ۽ ڪاليج ۾ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. سي اي او هيلٿ ڊاڪٽر ظفر عباس، ايم ايس ڊاڪٽر ضياءَ الحسن ۽ پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوسف نسيم بخاري مملڪتي وزير حنا رباني کر کي اس??تال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ضياءَ الحسن چيو ته ايڪسري جي ڊيجيٽل فلمن ايل سي ڊيز تي پابندي سبب پورٽ تي ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڊالر وڌڻ جي ڪري به فلمن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڪري به مشڪلاتون وڌيون آهن. اس??تال انتظاميا مملڪتي وزير کي اس??تال ۾ عملي، وسيلن جي گهٽتائي ۽ مشڪلاتن با???? آ??اهه ڪيو. مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته هو ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.