اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فوج ۽ ان جي سربراهه جي خلاف ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جي خلاف مهم ناقابل برداشت ۽ ادا??ن جي خلاف سازش جو تسلسل آهي، ٻاهرئين ملڪ محب وطن پاڪستاني فارن فنڊ مهم جي خلاف آواز اٿارين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ذريعي ??هر??لي سياست کي ڦهلايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان سازش جو حصو نه بڻجن، عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئين شڪني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گهرو وزير ملڪ جي اندر ادا??ن جي خلاف غليظ مهم هلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏي. پاڪستان ۾ افراتفري، فساد ۽ بغاوت کي هوا ڏيندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، م??رٽ تي مقرر ٿيندڙ آرمي چيف جي خلاف مهم ملڪ دشمنن جي ايجنڊا ئي ٿي سگهي ٿي، قوم پنهنجي ادارن سان گڏ آهي، شرپسندن جي خلاف متحد آهي.