ڪراچي – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پ??پل??پارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري لوڪ فنڪار واسو خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀ??و زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته واسو خان جي لاڏاڻي سان پاڪستان جي لوڪ موسيقي جي دنيا جو روشن ستارو اجهامي ويو، واسو خان مرحوم جي آواز ۾ بلوچستان جي پهاڙن ج?? طلسماتي لوڪ فن گونجندو هو. بلاول ڀ??و زرداري چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ انهن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن واسو خان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي جي دعا پڻ ڪئي.