اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ??يز??سٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) شام جي زلزلي متاثرين جي امداد ل??ءِ 20 رڪن?? ميڊيڪل ۽ ريسڪيو ٽيمون امدادي سامان سان گڏ دمشق روانيون ڪري ڇڏيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب شام جي ل??ءِ موڪليل امدا??ي ٽيمن ۾ پمز مان 10 ڊاڪٽر، جڏهن ته سي ڊي اي جي 10 رڪني ريسڪيو ٽيم شامل آهي. ان کانسو??ءِ سرديءَ جي ل??ءِ 130 فيملي خيما ۽ 3966 ڪلوگرام دوائن تي ٻڌل امدادي کيپ به رواني ڪئي وئي آهي. شام جي ل??ءِ ٽيمن کي سيفران واري وفاقي وزير طلحيٰ محمود ۽ خصوصي صلاحڪار حامد حميد رخصت ڪيو. ريسڪيو ۽ ميڊيڪل ٽيمون پي آءِ اي جي خصوصي ??ها?? بوئنگ 777 جي ذريعي دمشق پهچنديون. ريسڪيو ٽيمون شام جي متاثر علائقن ۾ اربن سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺنديون.