اسل??م آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڊيره اسماعيل خان جي دوري جي موقعي تي هيلي ڪاپٽر ۾ علائقي جي ترقي جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، سي پيڪ جي اولهندي رو?? جي حوالي سان پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڊي آءِ خان ۽ ميانوالي اهم علائقا آهن، انهن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ??رڻ?? آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي اولهندي رو?? جي ذريعي اهي علائقا خوشحال ٿيندا.