اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه ذريعي پا??ست???? کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسو جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي، ڀارت کي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزي?? کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ست??ن گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ ۾ پا??ست??ن جي خلاف ڀارت جي غي??ضر??ري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪيو آهي، بدقسمتي سان ڀارت غلط بيانين ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊه جي ذريعي پا??ست???? کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي غيرمستقل ميمبرشپ ۽ 1373 ڪائونٽر ٽيررازم ڪميٽي (سي ٽي سي) جي چيئر جو غلط استعمال جاري رکيو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جو غيرمستقل ميمبر طور غيرذميواراڻو رويو ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته هو سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهليت نه ٿو رکي. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۾ ڪا بهتري نه ڏٺي وئي آهي ڇو ته اهو اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ اتي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جاري اهي. عدالت کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري رکندي گذريل هفتي ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير جي اسلام آباد ?? شوپيان ضلعن ۾ ٻن ڪشميري نوجوان?? کي جعلي مقابلن ۾ سهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي قابض فوج به بيگناهه نوجوان?? کي پنهنجي حراست ۾ وٺي قتل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اها صورتحال پا??ست??ن جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ترجمان چيو ته اسا?? کي ڪشميري سياسي قيدين بشمول حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن بابت پڻ گهري ڳڻتي آهي. اهو ضروري اهي ته انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ انه?? کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ هيومن رائيٽس واچ سميت انساني حقن جي 12 عالمي تنظيمن گڏيل طور تي انساني حقن جي اڳواڻ خرم پرويز جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي جي لاءِ آواز اٿاريو آهي جيڪو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. هن چيو ته ڀارت کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون پنهنجون سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بند ڪرڻ گهرجن، 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم?? کي منسوخ ۽ ڪشميري حريت اڳواڻن سميت سمورن سياسي قيدي?? کي آزاد ڪرڻ گهرجي.