اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسٽيج ۽ ٽي وي جي ناليواري اداڪار اسما??يل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسما??يل تارا مرحوم مشهور ڊرامن ففٽي ففٽي، رٻڙ بينڊ، ون وي وڪيٽ سميت ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن، ٽي وي ڊرامن ۽ ف??من ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس لاڏاڻي سان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته فلم ۽ ڊراما انڊسٽري لاءِ اسما??يل تارا جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم اسما??يل تارا ک?? جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.