لاهور – 14 – ن??مب?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن لاهور جو دورو ڪيو. صدر کي اداري ۾ تعليمي سرگرمين، ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ تعيلمي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري دوران خات??ن اول بيگم ثمينه علوي پڻ صدر سان گڏ هئي. دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ورچوئل ۽ آن لا??ين پليٽ فارمز جي مدد سان ??اڪ??تاني آرٽس، فيشن، ڊيزائن ۽ ٽيڪسٽائيل مصنوعات کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ پذيرائي ڏياري سگهجي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽيون فارغ ٿيندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لا??ِ آن لا??ين ۽ ورچوئل تعليم تي ڌيان ڏين جنهن سان شاگردن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ معاشري جو فعال شخص بڻائڻ جي لا??ِ شارٽ ڪورسز جي مدد وٺي سگهجي ٿي. صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ مختصر مدي وارن ڪورسز ذريعي تعليم ڏني پئي وڃي، دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري هولڊرز ۽ سرٽيفڪيٽ هولڊر افرادي قوت کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جو انگ وڌائڻ جي لا??ِ آئوٽ آف باڪس سوچين ۽ جدت تي ٻڌل طريقا اختيار ڪن، ترقي يافته ملڪن جي يونيورسٽين ۾ وڏي پئماني تي آن لا??ين تعليم ڏني پئي وڃي، آن لا??ين تعليم جي مدد سان خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، گهٽ وقت ۾ وڌيڪ شاگردن کي هنرمند بڻائي سگهجي ٿو. صدر چيو ته يونيورسٽيون ورچوئل ۽ آن لا??ين پليٽ فارمز تي پنهنجي موجودگي ۾ اضافو ڪن. صدر ??اڪ??تان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي دوري دوران مختلف فيشن مصنوعات جي نمائش جو جائزو پڻ ورتو. هن ??اڪ??تان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊيزائن جي انڊسٽري، عالمي يونيورسٽين ۽ ادارن سان رابطي کي پڻ ساراهيو.