کپرو-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف سانگهڙ ضلعي جي شهر کپرو جو دؤرو ڪي?? ۽ اتي ڊئنش ايمرجنسي مئنجمينٽ (ڊي اي ايم اي) طرفان برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ نصب ٿيل پلانٽ جو معائنو ڪي??، ان موقعي تي کيس ڊي اي ايم اي اختيارن طرفان پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جي نظام جي حوالي سان بر??فنگ ڏني وئي ۽ ان پروگرام جي اهم خاصيتن جو تعارف ڪرايو ويو. کيس ٻُڌايو ويو ته برسات جي بيٺل پاڻيءَ کي جديد مشينري ذريعي صاف شفاف بڻايو ويندو آهي ۽ بعد ۾ مختلف ٿانون ۾ پيڪ ڪري متاثرن کي فراهم ڪي?? ويندو آهي. کيس ٻُڌايو ويو ته اٽڪل هڪ لک ليٽر صاف پاڻي رستن ۽ ڪي??پن ۾ ترسيل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي فراهم ڪي?? ويو آهي ته جيئن اهي ڪالرا، گيسٽرو، ڊائريا ۽ چمڙيءَ سميت پاڻيءَ سبب پيدا ٿيندڙ مختلف بيمارين کان پاڻ کي بچائي سگهن. ان موقعي تي ”اي پي پي“ سان خصوصي طور ڳالهائيندي ڊئنمارڪ جي سفير چيو ته ڊئنمارڪ جي حڪومت گڏيل قومن، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي غير سرڪاري تنظيمن کي فنڊ فراهم ڪرڻ کان علاوه کپرو ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ واٽر پيوريفڪيشن پلانٽ نصب ڪي?? آهي ۽ اهو پلانٽ ڊئنش ايمرجنسي مئنجمينٽ ايجنسي طرفان هلايو پيو وڃ??، جنهن مان اٽڪل هڪ لک لٽر پاڻي صاف ڪري علائقي واسين کي فراهم ڪي?? ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊي اي ايم اي سنڌ ۾ نه رڳو اهو پلانٽ نصب ڪي?? آهي پر گڏيل قومن ۽ يورپي يونين ذريعي به ماڻهن جي امداد ڪري رهي آهي. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني نقصان تي متاثر خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪي?? ته ڊئنمارڪ جي حڪومت مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي عوام کي امداد فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته شديد برساتن ۽ ٻوڏ پاڪستان ۾ تباهي پکيڙي آهي ۽ بنيادي ڍانچو پڻ سخت متاثر ٿيو آهي. اکان اڳ هن کپرو جي واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ نصب ڪ??ل پيورويفڪيشن پلانٽ جو معائنو ڪي??. ان موقعي تي ڊي اي ايم اي جي نمائندن کيس پلانٽ بابت بر??فنگ ڏني. بعد ۾ جيڪب لينولف اتي متاثرن جي ڪي??پ جو دؤرو ڪي?? ۽ ٻارن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جون بوتلون، بسڪيٽس، چاڪليٽ ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جو شيون ورهايون. ان موقعي تي مس ماريه، ايرڪ، سي اي او مرسڪ وجيهه الدين احمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي نعيم سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.