ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن مُلاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪندي وزيراعظم شهباز شريف غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي ??گهه ڏيڻ جي ??اءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ??لاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ??ملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي ??وقعي تي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس پاران پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ??اءِ يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا ۽ کيس موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ هن آفت جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪستان روس لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ استحڪام تي ??طم??نان جو اظهار ڪيو جيڪي مضبوط گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل آهن. وزيراعظم پاڪستان جي روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ته جيئن غذائي تحفظ، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سيڪيورٽي سميت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جو ايندڙ اجلاس جلد اسلام آباد ۾ گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. افغانستان ۾ روس جي تعميري ڪردار کي ??اراهيندي وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪستان ۽ روس ٻنهي جي ??فاد ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي ??اءِ عالمي قدمن جي رفتار کي ??ي?? ڪرڻ ضروري آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ استحڪام جي ??اءِ سمورين علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جي ??اءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.