اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي ??ان سڀ کان و??يڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ??ان 1300 کان و??يڪ ماڻهو فوت ۽ 3 ڪروڙ 30 لک کان و??يڪ بي گهر ٿي چڪا آهن، اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي سهڪار، يڪجهتي ۽ مدد گهربل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي عالمي ترقي واري وزير هرجيت سنگهه سجن ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم اهڙي مشڪل وقت ۾ جڏهن پاڪستان کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جا اثر درپيش آهن، پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ ??ان 1300 کان و??يڪ ماڻهو فوت، 3 ڪروڙ 30 لک کان و??يڪ ماڻهو بي گهر، 40 لک ايڪڙ کان و??يڪ فصلون تباهه جڏهن ته 800000 چوپايو مال مري چڪو آهي جنهن ??ان ماڻهو ر??زگار شديد متاثر ٿيو آهي ۽ نقصان اربين ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. وزيرا??ظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ يڪجهتي ۽ امداد تي ڪئناڊا کي ساراهيو. وزيرا??ظم چيو ته عالمي سطح تي گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن ??ان سڀ کان و??يڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي ۽ تازين موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان جو ثبوت آهي. ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪندي وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي جي لاءِ به مسلسل عالمي حمايت، يڪجهتي ۽ مدد جي ضرورت هوندي. وزيرا??ظم عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، پائيدار اقتصادي ترقي ۽ صحت جي شعبن بابت منصوبن ۾ معاونت تي ڪئناڊا جي حڪومت کي ساراهيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان بهتر تعمير جي حڪمت عملي تي عمل ڪندو، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ ماهرن ۽ فني امداد جي ضرورت هوندي ته جيئن مستقبل ۾ قدرتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان بچي سگهجي. ڪئناڊا جي وزير هرجيت سنگهه سجن ٻوڏ متاثرين ??ان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندي.