اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان کي آفتن جي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مالياتي وسيلن ۽ استعداد ۾ اضافي جي ضرورت ??هي. اها ڳالهه ايشيا ترقياتي بينڪ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي ??هي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2010ع ۽ 2015ع ۾ آيل ٻوڏ ملڪ ۾ آبادي جي ??حاظ کان سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ آ??اد??ارن کي 32.6 ارب روپين جو نقصان پهچايو جڏهن ته متاثر آ??اد??ارن جي ??دد لاءِ حڪومت پاڪستان 6.7 ارب روپيه (67 ملين ڊالر) فراهم ڪيا، جيڪي گهربل رقم جو صرف 18.5 سيڪڙو ??هي. رپورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينيجم??ٽ فنڊز جي ??الي ۽ فني مهارت ۾ اضافو ۽ ان حوالي سان لاجسٽڪ ۽ دائريڪار ۾ توسيع جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ??هي. 2010ع جي ??يشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ايڪٽ تحت نيشنل ڊزاسٽر مينيجم??ٽ فنڊ قائم ڪيو ويو، هر صوبائي حڪومت جي انتظام هيٺ ڊزاسٽر مينيجم??ٽ فنڊز جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن جو مقصد متاثر آبادي کي رهائش، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي، طبي امداد ۽ ٻين خرچن کي پورو ڪرڻ ??هي. ايشيائي ترقياتي بينڪ مطابق فنڊز کي فعال ڪرڻ، مالياتي طريقيڪار جي بهتر نظام ۽ صوبن ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار کي معياري بنائڻ اهميت رکي ٿو.