اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورن??زي?? چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي سنڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪ??ٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ ا??لاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورن??زي?? چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثري?? جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيراعظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪاري?? جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندو.