لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب ??ونيورسٽي لائبريري جي اهتمام هي?? انٽرن شپ ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران آزادي ۽ 14 آگسٽ ج?? موضوع تي پوسٽر نمائش منعقد ڪئي وئي. نمائش ۾ پنجاب ??ونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف سرگوڌا جي لائبريري شعبي ۽ انفارميشن سائنس جي شاگردن جي لاءِ هڪ پراجيڪٽ اسائنمنٽ طور تي ڪيو ويو هو. ٻن مهينن جي انٽرن شپ پروگرام جي دوران ٻنهي يونيورسٽين جي 70 شاگردن کي لائبريري جي روايتي ۽ ڊيجيٽل خدمتن بابت عملي تربيت فراهم ڪئي وئي. پروگرام کي خاص طور تي شاگردن جي آءِ ٽي جي بنيادي مهارتن کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو هو يعني ويب ڊيزائننگ ۽ ڊيجيٽل اوپيڪ جي تخليق سان گڏوگڏ انتظا??ي ۽ شخصي مهارتن کي متحرڪ ڪرڻ جنهن ۾ مواصلات، تنقيدي تجزيو، پيشڪش ۽ مطالعي جي عادت شامل آهي.