اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت ??لتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز ترين ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت ??لتستان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران صدر چيو ته هڪ سٺي حڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪ??ي آهي، اسان ۾ هر لحاظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته گلگت ??لتستان ۾ سياحت ۽ ٻئي ميدان ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ??اڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ ا??هن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ هنرمند ??اڻهن جي ضرورت پوندي. بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت صدر چيو ته علائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ا??تهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي ف??وغ لاءِ گلگت ??لتستان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتستان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگت ??لتستان جي ترقي جي لاءِ ضروري وسيلن جي ف??اهمي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت ??لتستان جو وڏو وزير ۽ گلگت ??لتستان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پڻ موجود هئا.