اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??لم??ن صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ??لم??ن صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. ??لم??ن صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سم??ت ڪيترائي عوام دوست منصوبا متعارف ڪرايا آهن. هو شهباز شريف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ مقرر هو، ??لم??ن صوفي کي دنيا ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻ??ن ۾ ??ام?? ڪيو ويو جن??ن ۾ موجوده آمريڪي صدر جوبائيڊن به ??ام?? آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سم??رين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.