اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان نائجيريا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي مگاشي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ وڌندڙ دفاعي تعاون اطمينان ج??ڳو آهي. گذريل سال پاڪستاني جي ايف ٿنڊر جنگي هوائي جهازن ج?? نائجيريا منتقلي انتهائي سٺو سنئوڻ آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته نائجيرين فوجين کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي تربيت جي فراهمي اسان ج?? دفاعي ل??ڳاپن ج?? استحڪام جي مظهر آهي، پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ نائجيريا جي وچ ۾ دهشتگردي جي خات??ي ۽ بارڊر مينيجمينٽ ۽ سروي??نس جي حوالي سان مفاهمت نامي تي جلد صحيحن ج?? ضرورت ت زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ٻطرفي سياسي مشاورت، سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ هولڊرز جي ل??ءِ ويزا جي خاتمي جي حوالي سان التوا ۾ پيل ??فاهمت نامن کي جلدي حتمي شڪل ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، پرڏيهي وزير چيو ته اسان نائجيريا جي صدر محمد بوهاري کي پاڪستان ۾ جلد خوش آمديد چوڻ جا منتظر آهيون.