اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) ينگ پارليامينٽريز ??ورم جي چونڊ پارليامينٽ هائوس ۾ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قائم خان سوري جي آفيس ۾ منعقد ٿيو، چونڊ عمل صبح 11 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، ايم اين اي مخدوم زين حسين قريشي، رومينه خورشيد عالم، سيد مرتضيٰ محمود، سيده نوشين افتخار واءِ پي ايف بورڊ جا ترتيبوار ??نا مقابلي صدر، نائب صدر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي چونڊجي ويا. ايم اين اي ڪنول شوزب ۽ عظميٰ رياض واءِ پي ايف بورڊ جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي، جڏهن ته ايم اين اي شاندانه گلزار ??ان ۽ ايم اين اي تاشقين صفدر ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جي عهدي لاءِ آمهون سامهون هيون، قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چونڊ نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن موجب ايم اين اي ڪنول شوزب 62 ووٽ کڻي و??ءِ پي ايف بورڊ جي جنرل سيڪريٽري چونڊجي و??ي ۽ سندس مقابلي ۾ عظميٰ رياض 30 ووٽ حاصل ڪيا، ايم اين اي تاشقين صفدر 54 ووٽ کڻي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر چونڊجي و??ي ۽ سندس مقابلي ۾ شاندانه گلزار ??ان 38 ووٽ حاصل ڪيا، اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري و??ءِ پي ايف بورڊ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته واءِ پي ايف بورڊ جي نون چونڊيل عهديدارن جي چونڊ عهديدارن تي ميمبرن جي اعتماد جو ثبوت آهي، هنن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار ينگ پارليامينٽرينز فورم کي وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال بڻائيندا، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر نون چونڊيل عهديدارن کي انهن جي ذميدارين جي سرانجامي لاءِ پنهنجي ۽ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر واءِ پي ايف بورڊ جي ارادن ۽ مقصدن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هي فورم 2003ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي و??ي، هن چيو ته کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته هي فورم 2003ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ 2013ع ۾ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي و??ي، هن چيو ته YPF بڻائڻ جو مقصد ينگ پارليامينٽرين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان انجام ڏئي سگهن، هن چيو ته YPF جي اليڪشن هر ٻن سالن کانپوءِ منعقد ڪئي ويندي آهي ۽ موجوده اسيمبلي جي دور ۾ اهو ٻيو اليڪشن آهي جيڪو اڄ منعقد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته چونڊن ۾ سمورين پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن ۽ سينيٽرن حصو ورتو ۽ اجلاس نه هجڻ جي باوجود 92 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو ورتو.