اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي احساس پروگرام تحت فلاحي منصوبن بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته ڪيترو وڏو پروگرام آهي، شفافيت تي ٻڌل اهو پروگرام سماجي فلاحي رياست جي ويزن طرف اهم قدم آهي، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ميڊيا ان فلاحي پروگرامن بابت معلومات حاصل ڪري عوام ۾ شعور اجاگر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ون ونڊو احساس مرڪز جي سيون جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي به ساڻس گڏ هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر جي آجيان ڪئي ۽ کيس احساس جي ون اسٽاپ شاپ آپريشنز جي باري ۾ بريفنگ ڏني جيڪو 14 مختلف ٽارگيٽ گروپس لاءِ سمورن فائدن ۽ خدمتن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٿي. بريفنگ دوران کيس ٻڌايو ويو ته هڪ جاءِ تي احساس جي سمورن فائدن ۽ خدمتن سان گڏ، ون ونڊو احساس سينٽر وسيلن سان گڏ مستحقين کي سهولت فراهم ڪندو آهي جنهن پهرين پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ڪيترن ئي آفيسن ۾ وڃڻو پوندو هو، بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ??نهن پروگرامن ۾ احساس ڪفالت پروگرام، ا??ساس نشو ۽ نما پروگرام، ا??ساس بنا وياج جي قرض اسڪيم، لنگر خانه، پناهگاهن سميت ٻيا پروگرام شامل آهن. صدر وسيع پئماني تي ون ونڊو احساس خدمتن جو جائزو ورتو ۽ مستحقين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائين??ي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??هو ڏسي خوشي ٿي آهي ته ??ن سهولت جي ذريعي احساس جي سمورين خدمتن تائين هڪ جامع طريقي سان پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ اهو هڪ فلاحي رياست جو حقيقي مظاهرو آهي، هن احساس جي سمورين خدمتن ۽ سهولتن جي هڪ ئي ڇت هيٺ انضمام کي ساراهيندي ان ڳالهه جي واکاڻ ڪئي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ضرورتمندن جي خدمت جي لاءِ سنگل ونڊو سروس تيار ڪئي وئي آهي، هن ڊاڪٽر ثانيه ۽ احساس جي ٽيم کي انتهائي ديانتداري ۽ شفافيت سان ڪيترائي احساس پروگرام هلائڻ تي مبارڪباد ڏني.
ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائين??ي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماڻهن کي اندازو ئي ناهي ته ڪيترو وڏو پروگرام آهي ۽ هي غريب طبقن جي لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ??حساس پروگرام جامع پروگرام آهي جنهن تحت ملڪ جي پوئتي پيل طبقن جي لاءِ تعليم، وظيفن سميت بهتري ۽ ترقي جي 20 جي لڳ ڀڳ پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران احساس پروگرام تحت احساس ڪفالت پروگرام شروع ڪيو ويو، ا??بين روپيا ڪمزور طبقن ۾ ورهايا ويا، ان ۾ ڪا به ڪرپشن سامهون ناهي آئي هي ڪرپشن کان پاڪ منصوبو آهي، هن چيو ته مهانگائي جو مسئلو آهي پر يوٽيلٽي اسٽورز تي ڪنٽرولڊ ريٽ تي اٽو، گيهه ۽ کنڊ فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ??حساس پروگرام جي تحت غريب طبقن لاءِ پروگرام سماجي فلاحي رياست جي ويزن جي طرف اهم قدم آهي، ون ونڊو سينٽر وسيع درجي جون خدمتون پيش ڪندو آهي جنهن ۾ احساس ڪفالت، ا??ساس ڪيش ادائيگي جي لاءِ حصيدار بئنڪن جي اي ٽي ايم مشينن، بايو ميٽرڪ تصديق جي لاءِ نادرا آفيس ۽ احساس اسڪول وظيفن، ا??ساس نشونما، ا??ساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ، ا??ساس بنا وياج قرض احساس ڊجيٽل انٽرنيٽ ڪيفي، ا??ساس لنگر، ا??ساس تحفظ لاءِ ڊيسڪ کانسواءِ معذوري ماڻهن جي خدمتن جي لاءِ هڪ ڊيسڪ، ماڻهن کي پناهگاهن تائين وٺي وڃڻ لاءِ شٽل سروس، ا??ساس راشن رعايت جي لاءِ احساس يوٽيليٽي اسٽور، مڪمل طور تي ليس ٽريننگ روم، سروي رجسٽريشن ڊيسڪ، عورتن جي لاءِ ريٽائرنگ روم، معلومات ۽ شڪايت جي ڊيسڪ ۽ ڪيتريون ئي ٻيو ڊيسڪون شامل آهن.