اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سياسي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي سان واپاري ۽ معاشي تعاون تيز ڪرڻو پوندو، پاڪستان ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جو حامي آهي، جلد مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي اش?? آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييويو سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون، واپار ۽ معاشي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ازبڪستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.