اسلام آباد – 12 8211; نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اف??انستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال سان پورو پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، اسان اف??انستان ۾ ٺوس حڪومت چاهيون ٿا پر ٻئي طرف ا??ان کي اف??انستان ۾ انساني الميي تي ڳڻتي آهي، اف??انستان 40 ملين آبادي جو هڪ وڏو ملڪ آهي، اف??انستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، معصوم ٻارن کي خوراڪ جي لاءِ وڪرو ڪيو پيو وڃي، دنيا کي اف??ان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، فيڪ نيوز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو مسئلو آهي، اسان چاهيون ٿا سفارتخانن ڏانهن ويندڙ معلومات بلڪل واضح هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن جي سفارتخانن ۾ پريس اتاشين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اف??انستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال سان پورو پاڪستان متاثر ٿئي ٿو، هن وقت اف??ان عوام غربت جي زندگي گذاري رهي آهي، اڪانومسٽ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اف??انستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، اف??انستان ۾ غربت جي صورتحال جي ڪري انساني الميو پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، اهڙيون وڊيوز سامهون اچي رهيون آهن جن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته معصوم ٻارن کي خوراڪ جي لاءِ وڪرو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته دنيا کي اف??ان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اسان اف??انستان ۾ ٺوس حڪومت چاهيون ٿا پر ٻئي طرف ا??ان کي اف??انستان ۾ انساني الميي تي ڳڻتي آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته قبائلي علائقن ۾ اسان ڊگهي عرصي تائين جنگ وڙهي، جڏهن اسان آپريشن شروع ڪيو ته 40 کان 45 هزار پاڪستاني اف??انستان هليا ويا، اهي سمورا ماڻهو پاڪستاني آهن، انهن کي و??پسي جو موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي. فيڪ نيوز ۽ ج??لي خبرن جو ذڪر ڪندي چوڌري فواد حسين چيو ته ٽيڪنالاجي جي وڌيڪ استعمال سان فيڪ نيوز ۽ ج??لي نيوز جي مسئلن جنم ورتو. اطلاعات واري وفاقي و??ير آمريڪا جي اڳوڻي صدر اوباما جو حوالو ڏيندي چيو ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر اوباما 2003ع ۾ چيو هو ته جديد دور ۾ حڪومتن جو سڀ کان وڏو چئلينج فلو آف انفارميشن کي منظم ڪرڻ آهي. هن چيو ته فلو آف انفارميشن جو چئلينج سمورن ملڪن کي درپيش آهي. سمورا ملڪ قانونسازي جي ذريعي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته يورپي يونين، آمريڪا ۽ برطانيا به فيڪ نيوز ۽ ج??لي پروپئگنڊه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي ميڊيا جو ڳاڻيٽو اسرندڙ ملڪن جي ميڊيا ۾ هڪ وڏي ميڊيا طور ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ 200 کان وڌيڪ ٽي وي چينلز، 2 هزار کان وڌيڪ ويب سائيٽس ۽ يوٽيوب چينلز ڪم ڪري رهيا آهن، هتي 1500 کان وڌيڪ روزاني اخبارون ۽ سوين هفتيوار ۽ ماهوار اخبارون شايع ٿين ٿيون، اٽڪل 48 عالمي نيوز چينلز پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اسان نئين قانونسازي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي ايم ڊي اي جو آئيڊيا تجويز ڪرڻ جو مقصد سمورن قانونن کي گڏ ڪرڻ هو، ريگيوليشن جي موجوده مڪينزم تحت اڌ درجن کان وڌيڪ فرسوده قانون موجود آهن جيڪي جديد دور جي گهرجن تي پورو نه ٿا لهن. هن چيو ته هن وقت 7 ريگيوليٽري باڊيز ميڊيا ادارن کي هلائي رهيون آهن، اهي قانون ڊيجيٽل انقلاب کان اڳ تيار ٿيا، اسان انهن قانون کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته جديد دور ۾ ٽيليويزن، ريڊيو ۽ اخبارون موبائيل فون جو حصو بڻجي چڪيون آهن، اڄ اسان واٽس ايپ تي ايندڙ معلومات کي ٽوئيٽ ڪري ڇڏيون ٿا ته اها معلومات ريڊيو، ٽي وي ۽ اخبارن تائين آساني سان پهچي وڃي ٿي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف ڪيترن ئي معاملن تي غلط ۽ ج??لي پروپئگنڊه ڪئي، اهو رڳو پاڪستان جو مسئلو نه آهي، ڪيترائي ٻيا ملڪ به اهڙي قسم جي مسئلن ۾ ورتل آهن، فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون ٿيڻ گهرجن، اسان کي عالمي ڪوششن جي ذريعي سوشل ميڊيا ريگيوليشنز ۽ ميڊيا جي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن چيو ته عالمي سطح تي ميڊيا جو ضابطو ۽ گڏيل قومن جون پابنديون هجڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون نه پکيڙي سگهجن. هن چيو ته اطلاعات واري و??ارت کي سفارتخانن ۾ اطلاعات جي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان رابطو رکڻ گهرجي، اطلاعات واري و??ارت پاڪستان جي وڏين وزارتن مان هڪ آهي، ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ اطلاعات واري و??ارت جو اهم ادارو آهي، پاڪستان جو موقف ٻاهرئين دنيا ۾ پيش ڪرڻ ۽ عالمي ميڊيا تان باخبر رهڻ اي پي ونگ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي.