اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏينهن جي دوري تي استنبول پهچي ويو آهي. استنب??ل جي گورنر علي يرلڪايا، اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سائرس قاضي اتاترڪ ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪي??.
صدر جي آمد تي ترڪ هٿياربند فوج جي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪي?? ويو. صدر ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ ??ائين ترڪي جو دورو ڪري رهيو آهي. پنهنجي قيام دوران صدر ترڪي جي صدر سان ملاقات ڪندو.
ٻئي صدر پاڪستان نيوي لاءِ ترڪي پاران تيار ??يل پهرئين ملجم ڪلاس ڪوريٽ جو افتتاح به ڪندو. ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ صدر مشهور ترڪ واپارين سان ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن ۽ صدر جو ترڪي جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.