اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ويهي پاڪستان ۽ فوج جي خلاف ??رينڊز هلائيندڙ ۽ ان جو دفاع ڪندڙ اڄ افغانستان جي صورتحال کان اکيون ڦيرائي رهيا آهن، عوام تڏهن محفوظ هوندي آهي جڏهن ادارا مضبوط هجن، اسان کي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا تسبيح جهڙي ترتيب ۾ اسان جي چ??ڌاري قلعو بڻائي بيٺل آهن، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افغانستان جا حڪمران ڏهاڪن تائين ملڪ کي لُٽيو، وسيلا ادارا ٺاهڻ تي نه لڳايا پر ذاتي ٽجوڙيون ڀريون، ان جو نتيجو آهي ته اڄ ان جو دفاعي قلعو ڌوڙ جي ديوار ثابت ٿيو آهي، اسان کي آزادي جو قدر ۽ ملڪ جي اهميت سا?? روشناس رهڻ گهرجي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان هوشيار به رهڻ گهرجي.