اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شي??ين مزاري چيو آهي ته نو?? مقدم ڪيس جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اڌ سچ تي ٻڌل ۽ سنسني پکيڙڻ جون خبرون ڏنيون ??يون ??ڃن جنهن سان متاثر خاندان جي دل آزاري ٿي رهي آهي، اسان کي هر عورت سان گڏ بيهڻو آهي، قانون ??هڻ گهرجن ۽ انهن تي عملدرآمد به ٿيڻ گهرجي پر ظلم ?? تشدد اسان جي معاشري مان ان وقت تائين ختم نه ٿيندو جيستائين ذهنيت تبديل نه ٿيندي، نو?? مقدم ڪيس جي حوالي سان پوليس پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ماءُ ڀيڻ، ڌيءَ جو بهانو بڻائي عورتن تي ظلم ?? تشدد ڪيو ويندو آهي، اسان سڀ کان پهرين عورتون آهيون، هر عورت کي ٻي عورت سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ پاڻ کي مضبوط بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نو?? مقدم ڪيس ۽ راءِ ونڊ لاهور ۾ مسيحي ٻارڙي عنايا سان پيش ايل واقعن تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير ڊاڪٽر شي??ين مزاري چيو ته قانون ??وجود آهن پر پوءِ به عورتن ۽ ٻارن سان واقعا ٿيندا رهندا آهن، ٻارن کي اسڪولن ۾ مار ڏيڻ کان روڪڻ جي حوالي سان قانون ??نظور ٿي چڪا آهن، جيترا مرضي قانون ??اهي وٺو جيساتئين ماڻهن جي ذهنيت تبديل نه ٿيندي واقعا ٿيندا رهندا، هن چيو ته نو?? مقدم ڪيس جي حوالي سان اسلام آباد پوليس ٺيڪ ڪم ڪري رهي آهي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي غلط خبرون ??کڙيون ??يون ??ڃن، پوليس بريفنگ به ڏئي رهي آهي پر اهي ماڻهو ماڻهن جي پرائيويسي جو به خيال ناهن ڪندا، عورت تي ظلم ?? تشدد نه ٿئي ا??و روڪڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ماءُ، ڌيءَ ۽ ڀيڻ جو بهانو نه بڻايو، اسان سڀ کان پهرين عورتون آهيون، هن چيو ته عورتن کي خاندان جي عزت جي نالي تي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. عورت تي ڪنهن به بهاني سان تشدد ڪرڻ جي سوچ بدلائڻي پوندي، هن چيو ته ننڍن ننڍن ٻارن سان اسڪولن، مدرسن ۽ گهرن ۾ ظلم ٿيندو آهي، ڪورنگي ۾ جنسي تشدد ڪري نالي ۾ اڇليو ويو، هر جاءِ ظلم ?? تشدد جو ڪو نه ڪو بهانو نڪري ا??ندو آهي، اسان کي قانون سخت ڪرڻا پوندا پر اهو مسئلو ان وقت حل ٿيندو جڏهن ذهنيت تبديل ٿيندي، عورت تي ظلم ?? تشدد جو ڪو جواز نه آهي، قانون سخت بڻائڻ ۽ ڪميٽيون ??اهڻ سان صورتحال نه بدلجندي، عورت پاڻ کي مضبوط بڻائي ته مرد عورت تي ظلم نه ڪري سگهندو. سڀني عورتن کي ٻين عورتن سان گڏ بيهڻو پوندو. هن چيو ته نو?? مقدم سميت ٻين ڪيسن کي گهري نظر سان مانيٽر ڪري رهيا آهيون، هن درخواست ڪئي ته سوشل ميڊيا اڌ سچ تي ٻڌل ۽ سنسني پکيڙڻ جون خبرون ??ه ڏي ته جئين متاثر خاندان جي عزت برقرار رهي سگهي، هن چيو ته اسان کي هر عورت سان گڏ بيهڻو آهي، هن چيو ته ٻارن، ٻارڙين ۽ عورتن جا انساني حق ڏيڻا پوندا، هن چيو ته اسلام زال تي تشدد جي به اجازت نٿو ڏي، پوري ملڪ ۾ عورتن ۾ اهو انديشو وڌي رهيو آهي ته ملڪ ۾ عورتون ??حفوظ ناهن.