اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت تي فوري دادرسيءَ جي نتيجي ۾ راولپنڊي جي ٻن بيواهه ڀينرن کي 22 سالن کانپوءِ وراثتي ملڪيت جو حق م??ي ويو. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پار??ن جاري تفصيل موجب ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وراثت ۾ زمي?? تي قبضو ۽ وراثت جي ورڇ جي معاملي جي حوالي سان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي هئي جنه?? تي وزيراعظم عمران خان فوري نوٽيس ورتو.
ٻنهي بيواهه ڀينرن جي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ۾ چيو ويو هو ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر روينيو بنا موقف ڄاڻڻ جي ??ن جي شڪايت کي خارج ڪيو تنهن ڪري اس??ن جي دادرسيءَ ڪئي وڃي. پي ايم ڊي يو موجب وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي ان حوالي سان انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي هئي ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن روينيو آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. وزيراعظم جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اعليٰ آفيسر پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. راولپنڊي جي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ جلد وزيراعظم آفيس موڪلين. سرڪاري آفيسرن جي عوامي شڪايتن بابت ڊيش بورڊز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي، آفيسر عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ٻئي طرف ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن اس??ن جي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اسان کي اس??ن جو وراثتي حق م??يو آهي، ا?? تي اسان الله تعاليٰ آڏو شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿيون، وزيراعظم عمران خ??ن جون ٿورائتيون آهيون ۽ ??ن جي لاءِ دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ سندس حامي ۽ ناصر هجي.