اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي کي هڪ بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق سمجهي ٿي، ملڪ ۾ ميڊيا سينسرشپ جو ڪو تصور نه نه آهي، ميڊيا ??ي سياست، معيشت يا ??نهن به ٻئي شعبي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي بي مثال آزادي حاصل آهي، حڪومت ملڪ ۾ آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جي فروغ ۽ ورڪنگ جرنلسٽس جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ??ي لاءِ سهولتون فراهم ڪندي رهندي. صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو ته صحافت جي آزادي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ ۾ اسان صحافي برادري سان گڏ آهيون.