اسلام آباد – 08 فيبروري (ا?? پي پي) گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 59 فوتگيون ٿيون جنهن ما?? 42 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪل??ڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي هڪ هزار 37 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 59 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن ما?? 55 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض ??هرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 30 سيڪڙو، پشاور 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 32 هزار 149 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ما?? سنڌ ۾ 9 هزار 136، پنجاب ۾ 11 هزار 809، خيبرپختونخو??هه ۾ 5 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 283، بلوچستان ۾ 546، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 185 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ما?? صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 11 هزار 502 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 265 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 31 هزار 983 آهي.