اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ اداري جي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ سندن مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي ان موقعي تي خاص مهمان هئي، جنهن مختلف شعبن ۾ سن??ن خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪٽيو. ان موقعي تي اداري جا سينئر آفيسر قمر الله چوڌري، شفيق قريشي، عبدالجبار ذڪريا، م??مد عظيم ۽ ٻيا به موجود هئا، اداري جي ٻين جرنلسٽ ۽ نان جرنلسٽ ورڪرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪري مذهبي هم آهنگي جو عملي مظاهرو ڪيو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ هر س??ل پنهنجي مسيحي ورڪرز جي اعزاز ۾ ان تقريب جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر سيده عديله رباب ڪاظمي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي ??با??ڪ ڏني ۽ مسيحي ورڪرن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو، م??يحي ملازمن پاران به ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر کي شال اوڍائي وئي.